پلي حافظ در محمد

پلي، حافظ در محمد: حافظ در محمد ولد علي محمد پلي، عمرڪوٽ تعلقي جو مشهور عوامي شاعر ٿي گذريو آهي. سندس ولادت 1892ع ۾ ٿي. کيس عربي ۽ فارسي زبانن تي عبور حاصل هو. گھڻو عرصو درس ۽ تدريس ڪندي گذاريائين. هن جي صحبتي شاعرن ۾ نامور شاعر- منٺار فقير راڄڙ، مل محمود پلي ۽ محمد هاشم ’مخلص‘ اچي وڃن ٿا. هن 1940ع ڌاري وفات ڪئي. سندس شاعري بيتن، واين، ڪافين، نظمن، مناقبن، مناظرن، ٽيهه اکرين، مولودن ۽ مداحن تي مشتمل آهي. هن جي ڪلام جو مڪمل رسالو، محمد يوسفاڻيءَ ترتيب ڏنو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو